ڪراچي(ڪامرس نيوز) ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي اڳ ئي ماڻهن چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ويتر وري روز روز موٽر سائيڪلن جي وڌندڙ قيمتن عوام کي مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا آهن.مختلف ڪمپنين کانپوءِ سوزوڪي به پنهنجي بائيڪس جي قيمتن ۾ 10 کان 16 هزار رپين تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.تازن اگهن موجب سوزوڪي جي ڊي 110 ايس 10 هزار رپيا وڌي 2 لک 29 هزار رپين جي ٿي وئي، سوزوڪي جي ايس 150، 12 هزار رپيا وڌڻ کانپوءِ 2 لک 51 هزار رپين ۾ ملندي.سوزوڪي جي ايس 150 ايس اي 15 هزار رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 71 هزارن تائين وڃي پهتي آهي، جڏهن ته سوزوڪي جي آر 16 هزار رپيا وڌي 3 لک 65 هزار رپين جي ٿي وئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مقامي موٽر سائيڪل ٺاهيندڙ چائنيز ڪمپنين به قيمتن ۾ 5 کان 20 هزار رپين جي واڌ ڪئي هئي.