اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان ڪمون شهيد وٽ نيشنل ھاءِ وي تي ٽرالر موٽرسائيڪل سوار کي چيڀاٽي ڇڏيو. ڳوٺ جندو چاچڙ جو رهواسي رحمت الله چاچڙ پٽ بهرام شهر کان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته ڪمون شهيد وٽ تيز رفتار ٽرالر کيس زوردار ٽڪر هڻي چيڀاٽي  ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. اوٻاوڙو پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي. واقعي بعد ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.