ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي آهي، ڦورو شوروم مالڪ کان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ پوليس اسٽيشن مخدوم بلاول جي حد ۾ اڻڄال ڦورو هٿيارن جي زور تي ڦلجي کان دادو ڪار تي ويندڙ الهادي موٽرز جي مالڪ واپاري ساجد راجپوت کي روڪي چار موبائل سيٽ، ڏيڍ لک رپيا روڪ رقم ۽ سوني منڊي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.