جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان مير رڪڻ شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن محرم لنڊ ۽ لعل بخش ڌاريجو جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ھنن چيو ته آبپاشي عملدارن پاران سندن پاڻي پئسن عيوض منڍ جي آبادگارن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، سندن غير قانوني واٽر ۽ نوليون سري عام هلن پيون، جنھن سبب پڇڙي جي زمينن ۾ پاڻي نٿو اچي، پاڻي نه هجڻ سبب فصل ڪونه ٿا ڪاهي سگهون، چوپايو مال پڻ اڃ مري رهيو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب ڪنگال ٿي ويا آهيون، ھنن آبپاشي جي سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن پنهنجي زمين آباد ڪري ٻچن جي پيٽ گذر ڪري سگهون.