ٺٽو (رپورٽر) ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ محمد عثمان ميربحر جي رھواسي عورتن مسمات ڪريمان زال واحدڏنو ميربحر، نجما زال نياز احمد ملاح ۽ ٻين ٻارڙن سان گڏ ٺٽي ۾ بااثرن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عورتن دانيهندي چيو ته بااثر ماڻھن پوليس جي مدد سان زمين تي قبضو ڪري بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، دانهڻ تي بااثرن گهرن تي چڙهايون ڪري تشدد ۽ ڦرلٽ ڪئي، هنن چيو ته بااثر بيگناهه ڳوٺاڻي نياز احمد ميربحر کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.