نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ مڱئي لڌي آڳرو ۾ دين محمد آڳرو جي گھر کي کاٽ ھڻي ٽن نامعلوم چور روڪ 35 ھزار ۽ سونا زيور چوري ڪري ويا. ساڳي رات سيھڙ ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو راڌڻ روڊ عثمان ڪلھوڙو اسٽاپ وٽ 6 نامعلوم ھٿيار بندن نئون ڳوٺ جي جنسن جي واپاري غلا۾ مصطفى سيال ۽ عبدالخاق لاکير کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري سندن کان 85 ھزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته بدامني وڌڻ باوجود حد جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.