ڦلجي اسٽيشن: هٿياربند گهر ۾ گهڙي ٻن نوجوان ڀينرن کي اغوا ڪري ويا، ماءُ تي تشدد

0
422

ڦلجي اسٽيشن: شھر جي محمود آباد پاڙي مان رستم هنڱورو جي گهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ھٿيار بند داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي ٻن ڀينرن 18 سالا عروسا ڌيءَ رستم هنڱورو ۽ 13 سالا اميشا کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي ٻنهي نياڻين جي امڙ کي تشدد ڪري زخمي ڪري وڌو.
نياڻين جي پيءُ رستم علي هنڱورو چيو ته گهر ۾ موجود نه هئس ٽن ڪارن تي ڏھ ھٿيار بند ڏينهن ڏٺي جو سرعام منهنجي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي زال کي قنداڪ هڻي زخمي ڪري منهنجي ٻن نياڻين کي اغوا ڪري ويا آھن. نياڻين جي امڙ سبحان خاتون چيو ته ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند سرعام گهر ۾ داخل ٿي مونکي زخمي ڪري منهنجي ٻن نياڻين کي اغوا ڪري ويا پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته هنڱورا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ ھو جنهن جي پلاند ۾ اڄ ٻه ناريون مبينا اغوا ٿيون آھن. رستم هنڱورو جو پٽ شيراز علي مٿي ڄاڻايل جوابدار نصرالله هنڱورو جي ڀيڻ کي اغوا ڪري شادي ڪري ڇڏي هئي ان جي پلاند ۾ اڄ شيراز هنڱورو جون ٻه ڀينرون اغوا ٿي ويون آھن، جوابدارن جي ڳولا جاري آھي.