ٽائيم نيوز جي شفٽ انچارج صدام ڪولاچي جي گهر تي حملو: پيءُ ۽ چاچن سميت 8 ڄڻا مرڻينگ

0
594

گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ۾ ٽائيم نيوز جَي شفٽ انچارج ۽ ليکڪ صدام حسين ڪولاچي جَي گهر تي هٿياربندن حملو ڪري سندس پيءُ ۽ چاچن سميت 8 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ راڄو خان ڪولاچي ۾ 50کان وڌيڪ جوابدارن ٻني تي بيٺل ماڻهن تي حملو ڪري لٺن ۽ سرين جا وار ڪيا.
حملي ۾ صحافي صدام حسين ڪولاچي جو پيءُ حضور بخش، چاچا، گل حسن، عبدالحفيظ، عابد علي، عبدالرئوف 2 سئوٽ سراج احمد ۽ ناصر سخت زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
متاثر ڌر جو چوڻ آهي ته معمولي ڳالهه تان جوابدار ياسين ڪولاچي، مظفر علي، ماجد علي، ميرحمزه، صدر علي، سڪندر، ساجد علي ۽ ٻين پوليس جِي موجودگي ۾ حملو ڪيو.
هوڏانهن پوليس بااثرن جي ونگار وهندي زخمين کي اسپتال مان گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران صحافين وچ ۾ پئي زخمين کي بچايو.