سکر پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري کي مارڻ جي دعويٰ

0
202

سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس شڪي مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري ماري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، تماچاڻي ٿاڻي جي حد کيرٿر ڪئنال ڪنڊو واھن لنگ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران اڻڄاتل جوابدار مارجي ويو. ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو, جڏهن ته سندس چار ساٿي فرار ٿي ويا . ايس ايس پي سکر چيو ته ڏوھاري واردات جي ارادي سان بيٺل ھئا ته گشت دوران پوليس مقابلو ٿي پيو. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوھاري مارجي ويو ۽ سندس قبضي مان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.