ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلي ويجهو ٿر جي سونهن مورن ۾ بيماري پکڙجي وئي. ڳوٺ کاري پسايا جي ڳوٺاڻن سومار، حسن ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن سندن ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقي ۾ مورن ۾ بيماري پکڙجي وئي آهي، جنهن سبب 10 کان وڌيڪ مور مري ويا آهن. هنن ٻڌايو ته مورن جون ڳچيون ۽ اکيون سُڄي پون ٿيون، جنهن ڪري ڪجهه به کائي پِي نٿا سگهن ۽ ھڪ ٻن ڏينهن اندر مريو وڃن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ۾ ٻن ڏينهن دوران ڏھن کان وڌيڪ مور مري ويا آهن. وائيلڊ لائيف ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي ان بابت آگاهي ڏني آهي پر اڃا تائين ڪابه ٽيم علائقي ۾ نه پهتي آهي. هنن لاڳاپيل عملدارن ۽ ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي هنگامي بنيادن تي ٽيمون موڪلي مورن جي ويڪسين ڪرائي وڃي. ٻئي پاسي وائيلڊ لائيف کاتي جي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي ڪنهن ڳوٺاڻي اهڙو اطلاع نه ڏنو آهي، هاڻي خبر پئي آهي، سڀاڻي کان ڄاڻايل ڳوٺ ۾ پهچي بيمار مورن جي ويڪسين شروع ڪئي ويندي.