خانواهڻ (ن پ ا) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو خان خشڪ ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري 40 ورهين جي مجاهد خشڪ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻي کي زخمي حالت ۾ نواب شاھ منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان خانواھڻ ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته زخمي مجاهد کي ليٽر جاري ڪري علاج لاءِ روانو ڪيو آهي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.