چيلھار (ن پ ا) چيلهار جي پرائيوٽ اسپتال جو ڊاڪٽر ۽ مريض وڙهي پيا. پنهنجي چئن سالن جي ٻارڙيءَ کي اسپتال کڻي آيل ارجن ڀيل جو چوڻ ھو ته ڊاڪٽر شامداس وٽ ٽن ڏينهن کان ٻارڙيءَ جو پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج ھلندڙ ھو. اڄ موڪل ڏئي 900 رپيا بل ڪڍيائين. مون وٽ بروقت پيسا نه هئا. ان تي ڊاڪٽر مڇرجي مون کي ڪمري ۾ بند ڪري مارڪت ڪئي. ٻئي پاسي ڊاڪٽر شام داس جو چوڻ ھو ته علاج معالجي جا پيسا گهرڻ تي مريض نينگري جي والد مون کي ڳلي کان جھلي ورتو. جهيڙي بعد پوليس پھچي ٻنھي ڌرين کي ٿاڻي تي وٺي وئي.