ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ۾ اٽي جي ھٿرادو کوٽ ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف شھري اتحاد جي سڏ تي شھرين ۽ عوامي تحريڪ پاران الله والا چوڪ کان بدين اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي، ان موقعي تي بلاول بجير، ايسرداس بچاڻي، مسعود ڏيپلائي، انجنيئر هيرالال، عمران باغي ۽ ٻين چيو ته اٽي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري غريب عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، هنن چيو ته اٽي جو بحران پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان غريب طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته حڪمرانن پنهنجا گدام ڪڻڪ سان ڀري غريب عوام لاءِ اٽو مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته مهانگائي سان اميرن تي ڪو به فرق نه پيو پئي پر غريب ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته هر يونين ڪائونسل ۾ يوٽليٽي اسٽور کولي سستو اٽو مهيا ڪيو وڃي.