گمبٽ (ن پ ا) ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جي نااهلي سبب گٽر نالا اٿلي پيا، شهر جي مُک رستن تي گٽرن جو گندو پاڻي تلائن وانگر بيهجي ويو، ڪاروباري سرگرميون ٺپ ٿي ويون. تفصيل موجب ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ جي نااهليءَ سبب شيخ محلي، پراڻي ڪار اسٽينڊ، مسڻ پاڙي ۽ ٻين هنڌن تي گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو. روڊن تي گندو پاڻي بيهڻ سبب ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿيون آهن. ان سلسلي ۾ شهرين صفدر علي، محمد ادريس، خادم حسين ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر مڪمل طور گندگيءَ جي ور چڙهي ويو آهي. ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. هنن ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شهر مان گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، ٻِي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. هوڏانهن ايڊمنسٽريٽر گمبٽ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊسپوزل تي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ننڍا موٽر لڳل آهن جنهن ڪري پاڻي گهٽ نيڪال ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف پبلڪ هيلٿ ايس ڊي او ٻڌايو ته ڊسپوزل ميونسپل حوالي ٿيل آهن، ڊسپوزل سسٽم سان پبلڪ هيلٿ جو ڪو تعلق ناهي، شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ذميوار ميونسپل انتظاميا آهي.