ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ واسي پورھيت محمد علي ملاح جا 3 پٽ ھادي بخش، نصيب علي، نويد علي ۽ ھڪ نياڻي بشيران ملاح پراسرار بيماري ۾ مبتلا هجڻ سبب ھلڻ گهمڻ کان لاچار بڻيل آھن، سندن والد پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته مون وس آھر پنهنجي ٻچن جو ڪافي علاج ڪرايو، سمورو الھه تلھه کپائي ڇڏيو آهي، هاڻي وڌيڪ علاج ڪرائڻ جي سگهه ناهي، هن چيو ته ڪافي ڀيرا تڪ جي چونڊيل نمائندن وٽ مدد لاءِ ويو آھيان پر ڪنهن به مدد ناھي ڪئي، گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو آھيان، هن ٻڌايو ته ٻار پهريان 6 مھينا ٺيڪ ھئا، بعد ۾ اوچتو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي کٽ ڀيڙا ٿي ويا آھن، هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي.