جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ سستي اٽي جو اسٽال بند ٿيڻ خلاف عورتن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مسمات شازيا، ثمرين، شريمتي راڌا ۽ ٻين چيو ته شهر جي چڪين ۽ دڪانن تي اٽو 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، ٻوڏ متاثر علائقي ۾ انتظاميا چار ڏينهن اڳ فقط ٻه ڀيرا سستي اٽي جو اسٽال قائم ڪيو جيڪو هاڻي بند ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان روزانو سستو اٽو وٺڻ ٽائون ڪاميٽي اچون ٿا پر سڄو ڏينهن اٽي جو انتظار ڪري شام جو مايوس ٿي خالي هٿين گهر موٽي وڃون ٿا، هنن چيو ته انتظاميا سستي اٽي جو اسٽال بند ڪري غريبن سان ظلم ڪري رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جهڏو ۾ سستي اٽي جو اسٽال بحال ڪيو وڃي.