ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ڀرسان نوجوان رڪشا ڊرائيور مهانگائي ۽ غربت کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي، نيڻي سر رستي تي نوجوان گرڌاري ولد منگهارام ورتيو رڪشا روڊ تي بيهاري وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ٽنگيل لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد مٺي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب نوجوان رڪشا هلائي گذر سفر ڪندو هو، ڌنڌو گهٽ ۽ مهانگائي وڌيڪ هجڻ ڪري اڪثر پريشان رهندو هو ۽ ذھني مريض بڻجي ويو هو، جنهن جو علاج پڻ ھلندڙ ھو، جنهن ڪري هن خودڪشي ڪئي، پوليس موجب جاچ بعد حقيقتون سامهون اچي وينديون، واقعو خودڪشي آھي، وارثن موجب نوجوان ڪافي وقت کان پريشان هو ۽ ذھني مريض بڻجي ويو هو.