فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج واسي نوجوان مبينا طور هرکجي اغوا، وارثن کان 20 لک ڀنگ طلب، ان ڏس ۾  ڳوٺ ڦولهڙي واسي نوجوان پرويز لاشاري عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو، مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جي ڀاءُ شريف لاشاري پريس ڪلب پهچي روئندي دانهيو  ته  منهنجو ننڍو ڀاءُ پرويز لاشاري ڪراچي جي هڪ مل ۾ ملازمت ڪندو آهي، جتان موڪل تي ڳوٺ آيل هو، گذريل ڇنڇر ڏينهن تي صبح جو انشورنس جا پئسا سکر جمع ڪرائڻ جو چئي گهران نڪتو، جنهن بعد واپس ناهي آيو، هن موجب ته ڀاءُ جي  موبائيل فون نمبر تان ڪال آئي ۽ هن روئيندي ٻڌايو ته مونکي سکر مان ڌاڙيلن اغوا ڪري ڪچي ۾ قيد ڪيو آهي،  جتي سخت تشدد ڪيو پيو وڃي،   هن جو چوڻ هو ته ڀاءُ ٻڌايو ته 20 لک رپين عيوض آزاد ڪرڻ جو چون ٿا، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾  قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، مغوي جي ڀاءُ چيو ته اسان غريب آهيون، پئسا ناهن، مغوي نوجوان بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آهي.