حيدرآباد (بيورو رپورٽ) بلوچ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ جي فرزند ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ چنگيز خان بلوچ حيدرآباد پهچي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سنڌ ۽ بلوچستان سميت ملڪي صورتحال تي غور ڪندي گڏيل جدوجهد تي اتفاق ڪيو.  ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر حئي بلوچ سنڌ جي هر اشوز تي گڏ هوندو هو. سندس قومي جدوجهد کي وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جن قومن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي انهن کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي صورتحال ساڳئي آهي. ٻئي صوبا وسيلن سان مالا مال آهن پر اتان جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي. هن چيو ته هيٺين ۽ پورهيت طبقي کي متحد ٿي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. ايڊووڪيٽ چنگيز خان بلوچ چيو ته بلوچن کي سندن حقن کان محروم رکيو ويو آهي. بلوچن جي جدوجهد حق ملڻ تائين جاري رهندي. بلوچ ۽ سنڌي هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي رهيا آهن. هن چيو ته سندس والد ڊاڪٽر حئي بلوچ هميشه مظلومن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ انهن جو آواز بڻيو. آئون به سندس نقش قدم تي هلندي سنڌ جي هر سڏ تي حاضر هوندس. ان موقعي تي پروفيسر فتاح دائود پوٽو، حفيظ ڏيرو، محمد علي ابڙو، جميل ڇلگري، فاروق الماس، قيصر کوسو ۽ ٻيا موجود هئا.