ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگھيو) ڏوڪري ڀرسان پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پلاند ۾ نوجوان قتل، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو. خبر موجب ڳوٺ جان ٻرڙو جو رهواسي 30 سالن جو علي شير ٻرڙو پنهنجي زال سان گڏ گڏهه گاڏي تي ڳوٺ کان ڏوڪري اچي رهيو هو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ڏوڪري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن ڳوٺاڻن پاران واقعو پراڻو سڱاوتي تڪرار تان پيش اچڻ ٻڌايو پيو وڃي، ان حوالي سان مليل معلومات موجب مقتول نوجوان واري ڌر ڪجهه عرصو اڳ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان غلام سرور ٻرڙو کي قتل ڪيو ويو، جنهن جي پلاند ۾ ڪالھه نوجوان علي شير ٻرڙو کي قتل ڪيو ويو. واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي، هوڏانهن يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ جان ٻرڙو جي ٻرڙا برداري جي ٻن ڌرين ۾ ڪيترين ئي سالن کان پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن سبب واقعو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.