ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ هلندڙ سال جو آخري فل مون يا پورو چنڊ نظر آيو، ان کي اسٽرابيري مون جو نالو ڏنو ويو. فلڪياتي ماهرن موجب فل اسٽرابيري مون ڪراچي ۾ رات جو 11.39 منٽن تي شروع ٿيو، زمين کان فاصلو گهٽ هجڻ ڪري عام ڏينهن جي مقابلي ۾ چنڊ وڏو نظر آيو. اسپيس سائنس انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪتر جاويد اقبال چيو ته هي سپر اسٽرابيري مون 2021ع جي چئن سپر مونز مان آخري هوندو. ان کان اڳ 28 مارچ، 27 اپريل ۽ 26 مئي تي سپر مون نظر آيا هئا.