حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي ضلعي سيڪريٽري تي مبينا طور حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪيو ويو. اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ۽ فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن پهچي ويا جن زخمي ضلعي سيڪريٽري نديم احمد آزاد کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. زخمي پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته مٿس حملي ۾ سياسي تنظيم جا ماڻهو ملوث آهن جن يونٽ نمبر 10 واري علائقي ۾ روڪي مٿس حملو ڪيو ۽ زخمي ڪري فرار ٿي ويا. بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ زخمي ٿيل فنڪشنل ليگ اڳواڻ جي بيان ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بعد واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن اسپتال پهتل زخمي ضلعي سيڪريٽري نديم احمد جي طبعيت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.