ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) جيڪب آباد واسڻ فزيوٿراپسٽ منيشا روپيتا ڪميشن جو امتحان پاس ڪري هندو برادري جي پهرين خاتون ڊي ايس پي بڻجي وئي. منيشا ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪئي، هن 2018ع ۾ ڊاڪٽر آف فزيوٿراپي ڪئي. منيشا روپيتا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊي ايس پي بڻجي وئي، “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي منيشا چيو ته مون بنيادي طور ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪئي پر پوليس ۾ اچڻ منهنجو خواب هو، پوليس جوائن ڪرڻ بعد ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديس. هن چيو ته منهنجي والدين منهنجي تمام گھڻي همت افزائي ڪئي، منهنجون ڀينرون به ڊاڪٽر آهن، مون سوچيو ته منهنجي جاب (ملازمت) ڪجهه مختلف هجي، هن چيو ته ڏوهن کي مختلف برادرين جي حوالي سان ورهائڻ نه گھرجي، ڏوهه سماجي اشو آهي، اسان کي هڪ قوم ٿي ڪري ڏوهن جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي، هن چيو ته ڏوهارين کان متاثر شخص آڏو “هندو يا وري “مسلمان” نه لکڻ گھرجي. هن چيو ته دور مٽجي رهيو آهي، سنڌ جي ڇوڪرين کي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ گھرجي، هن چيو ته آئون فلمون گھٽ ڏسندي آهيان، پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سهائي عزيز ٽالپر ۽ ٻين ليڊي آفيسرز مون کي پوليس ۾ اچڻ لاءِ متاثر ڪيو آهي. واضح رهي ته منيشا روپيتا جون 6 ڀينرون ۽ هڪ ڀاءَ آهي، هوءَ ڀينرن ۾ سڀ کان ننڍي آهي، ٻئي طرف نواز ليگ جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني منيشا جي گهر پهچي کيس ، سندس امڙ ۽ ڀينرن کي لنگيون ۽ اجرڪ پارايا، گلدستا ۽ مٺائي ڏني.