سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو باکوڙي موري وٽ مٺڙائو ڪئنال ۾ ٽريڪٽر کي ڌوئيندي پير ترڪڻ سبب 14 ورهين جو ارشد علي پٽ محمد امين لغاري ٻڏي ويو، لاش هٿ اچي نه سگهيو، وارثن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا جاري. ضلعي انتظاميا کي لاش جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل. سانگهڙ ويجھو باکوڙي موري لڳ ڳوٺ جو رھواسي نينگر پنهنجي ٽريڪٽر کي ڌوئڻ لاءِ مٺڙائو واهه جي ڪپر تي بيھاري بالٽين جي مدد سان ٽريڪٽر ڌوئي رھيو ھو ته پير ترڪڻ سبب واهه ۾ لڙھي ويو. تيز وھڪري سبب نڪري نه سگھيو. آخري اطلاعن تائين نوجوان جو لاش نه ملي سگهيو. جڏهن ته شروعاتي طور ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه پڻ واقعي واري ھنڌ پھتو ۽ وارثن کي لاش جي ڳولا ۾ مدد جي خاطري ڪرائي. واضع رھي ته ھن وقت وونئڻن جي پوکائي جي سيزن ھلي رھي آھي. جنھن ڪري مٺڙائو واهه ۾ پاڻي مٿي سطح تي وھي رھيو آھي. جنھن ڪري لاش ڳولا ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.