فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد ويجهو ڪاڇي واري علائقي مان پيءُ پٽ تي ھٿياربندن تشدد ڪري 50 ٻڪرين جو ڌڻ ڦر ڪيو . زخمي پيء سڄڻ گائينچو ۽ پٽ قادر بخش گائينچو فريدآباد پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو. هنن دانھيو ته فريدآباد ويجهو رئيس مجيد کوسو لڳ ڪاڇي ۾ ٻڪريون چاري رھيا ھئاسين ته 5 ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي تشدد ڪري اسان جي ٻڪرين جو ڌڻ جنهن ۾ 50 ٻڪريون شامل آهن، سي کسي ڪاھي ويا آهن هنن چيو ته 5 ھٿياربندن سان مزاحمت ڪرڻ تي 2 ٻن جون ٻُٽُون لھڻ سبب کين سڃاتو آهي، سڃاتل ھٿياربندن خان ۽ بدلو گائينچو آهن، جڏهن ته ٻين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ھنن ايس ايس پي دادو آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ھٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل ٻڪريون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف فريدآباد پوليس کين ميڊيڪل ليٽر ڏيڻ بجاءِ کين اڄ جاءِ واردات ڏسڻ جو چئي کين موٽائي ڇڏيو. جڏهن ته فريدآباد ٿاڻي جي وڏي منشي رسول بخش کوسو ٻڌايو ته فريادي جيڪا حد ٻڌائي رھيا آھن اھا شاھ گودڙيو ٿاڻي جي حد آهي ان باوجود فريادين جي فرياد ٻڌي آهي سڀاڻي شاھ گودڙيو پوليس ۽ فريدآباد پوليس گڏجي واقعي جي وڌيڪ انڪوائري ڪري قانوني قدم کنيو ويندو.