ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ نشي ۾ ڌت اسپيشل برانچ جي اهلڪار پاران عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، شهرين جي پهچڻ تي موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويو، ڪيس داخل پوليس موجب ناظم آباد 3 نمبر ۾ اسپيشل برانچ جي اهلڪار آصف هڪ عورت صفيه زال علي محمد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. متاثر عورت صفيه ٿاڻي تي پهچي اهلڪار آصف خلاف ڪيس داخل ڪرايو، ايف آءِ آر نمبر 21/274 ۾ قلم 354 شامل ڪيو ويو آهي، فريادڻ صفيه ڄاڻايو ته اهلڪار آصف رڪشا مان لهڻ شرط سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهي پاڻ سان گڏ موٽرسائيڪل تي هلڻ لاءِ زور ڀريو، سندس رڙين تي شهري گڏ ٿيڻ بعد آصف موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويو،