ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽنڊوباگو ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي ڪم ڪندڙ ڊوائيس هولڊرز سوشل ميڊيا تي ڪٽوتي ڪرڻ واريون پوسٽون رکڻ کان پوءِ احتجاجن خميس ڏينهن سينٽر تي نه آيا. کوسڪي ۾ ڪٽوتي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ميان خان کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جي مختلف شهرن ۾ ٽن ڏينهن کان نيٽ ورڪ جو مسئلو هجڻ سبب ڊوائيسز بند رهيون. ملڪاڻي شريف ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي عورتن جي پيهه سبب 2 عورتون ۽ ھڪ پوليس اھلڪار بيھوش ٿي ويا. سجاول ۾ سنيٽر ٻاهران عورتن جي رش سبب پيرسن عورت زخمي ٿي وئي. بدين ۾گرميءَ دوران سنيٽر اڳيان عورتن جي رش سبب 4 عورتون مسمات فاطمه، خيرالنساء، خديجه ۽ حوا بيهوش ٿي ويون. ڪراچي جي گلشن حديد، اسٽيل ٽائون ۽ ٻين هنڌن تي بينڪ برانچن آڏو عورتن جون قطارون لڳي ويون، ساڪرو، گهارو، ٺٽو، ڍاٻيجي سميت ٻين شهرن کان آيل ماڻهن جو بينڪن اڳيان قطارون لڳل نظر آيون.نئون ڪوٽ ۾ مستحق عورتن کي چار ڏينهن کان رقم نه ڪرڻ ميرپورخاص روڊ تي نهٽڻ اس ۾ ڌرڻو هنيوويو. ڪنڊيارو ۽ شاهپور چاڪر ۾ رش سبب ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿي ويون. ڪنڌڪوٽ، ٺل، شادي لارج، پنگريو، قاضي احمد، مورو. کاهي،نواب ولي محمد، واهي پانڌي ،مٺياڻي، ميرپورخاص، ڪنري، سجاول جوڻيجو، رتوديرو، باڊهه، ڪنڌرا، فيض گنج، ڪوٽڙي، پيارو لنڊ، محرابپور ۽ دريا خان مري ۾ڪٽوتي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ٽنڊو محمد خان ۾ عورتن کي پئسا نه مليا. ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي احساس ڪفالت پروگرام تحت رقم حاصل ڪندڙ عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن، بدنظمي ۽ غير قانوني ڪٽوتي واري شڪايتن جو نوٽيس ورتو. مدئجي ۾ ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب احساس ڪفالت سينٽر لاءِ جاءِ نه ڏني وئي، ڊوائيز هولڊر اسٽيشن روڊ تي مدرسي ۽ نجي اوطاقن ۾ رقم ڏيڻ لڳا، لکي غلام شاهه ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر احساس ڪفالت سينٽرن تي ڇاپا هڻي 7 ڄڻن کي گرفتار ڪرايو، پيرجوڳوٺ ٿاڻي جي پوليس اهلڪارن ارشاد علي راھوجو، محمد بقا، ليڊي پوليس اهلڪار ن، ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ڄاڻايل اھلڪارن هڪٻئي تي الرون ڪري هڪلون ڏنيون جنهن بعد سينٽر ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ٻين پوليس اهلڪارن وچ ۾ پئي معاملي کي ٽاريو.