ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪتا مار مهم نه هلڻ سبب مختلف شهر ۾ ڪتن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 7 ڄڻن کي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، منھڙو ڀرسان چودڳي اسٽاپ تي منھڙو شھر جي رھواسي پيرسن عبدالخالق پٺاڻ کي رولو ڇتي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، جنھن کي مقامي اسپتال آندو ويو پر کيس ويڪسين نه ملي، سيھڙ ۾ رولو ڪتن 8 ورهين جي نينگري چاهت ولد محمد خان گاڏهي کي گهٽي ۾ راند کيڏڻ دوران ٻانهن ۾ چڪي زخمي ڪري وڌو، نينگري کي لاڙڪاڻي اسپتال مان وئڪسين ڪرائي وئي. مٺياڻي ۾ڪتن معصوم نينگري سميت ٻن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو ، زخمين ۾ 6 سالن جي پروين ۽ غوث بخش چانڊيو شامل آهن، فقيرآباد جي ڳوٺ وزير سولنگي ۾ ڪتن 10 سال جي نينگري انيلان ڌيءُ غلام سرور سولنگي کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، مبارڪپور ۾ رولو ڪتن 60 ورهين جي عورت عيدلُ خاتون ۽ 10 ورهين جي راجا منگي کي چڪي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو.