ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪي جي عظيم ڪالوني جي واسي خان محمد ڀٽو پنهنجي پيرسن امڙ ڀانو ۽ معصوم ڌيئرن شهناز ۽ غنويٰ کي وٺي پريس ڪلب پهتو، جتي هن دانهيندي چيو ته مهينو اڳ الهواريو ڀٽو پنهنجي ڌيءُ سڪينا سان منهنجي مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هنيو ۽ مان چڱن مڙسن وٽ دانهيندو رهيس پر منهنجي ڪنهن به دانهن نه ٻڌي، هاڻي وڏيرن باغ علي ڀٽو، نظير ڀٽو، احسان علي ۽ الهورايو ڀٽو وارن جرڳو ڪري مون کي فون ڪري چيو ته تون ڪاروآھين عيوضي ۾ ٻه نينگريون شهناز ۽ غنوا اسان کي سڱ چٽي ۾ ڏي ۽ ٻه لک ڏنڊ به ڏي. هن چيو ته اسان انڪار ڪيو ته وڏيرن منهنجي مٿان ڏهرڪي ٿاڻي ته سڪينا ڀٽو کي اغوا ڪرڻ جو ڪوڙو ڊرامو رچائي منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن رياض ڀٽو، راڻو مٿان اغوا جو ڪيس ياخل ڪرايو آھي، هاڻي وڏيرا چون ٿا ته ڌيئرون سڱ چٽي ۾ ڏي نه ته توکي قتل ڪندا سين، ٽريڪٽر ٽرالي تي مزدوري ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليان ٿو ڀلي قتل ويندس پر پنهنجي معصوم نياڻين کي ظالمن حوالي نه ڪندس، هوڏانهن مبينا جرڳو ڪندڙڌر سان بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي ويئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.