راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ ماءُ پٽ کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، جوابدار واجد ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو ته عورت کي شادي کان انڪار تي قتل ڪيو، جوابدار جي نشاندهي تي قتل واردات ۾ استعمال ٿيل اوزار به هٿ ڪيو ويو، جوابدار واجد عورت ۽ سندس 14 ورهين جي پٽ کي قتل ڪرڻ جي 3 ڏينهن کانپوءِ گرفتاري ڏني هئي.