ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمرا يعقوب منهاس پوليس کي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهرين، دڪاندارن سان مناسب رويو اختيار ڪيو وڃي، پوليس ناڪن تي مقرر اهلڪارن طرفان شهرين سان غير ذميواراڻي رويي جي شڪايت ملي ته ڪارروائي ڪئي ويندي، مسافر بسن ۾ ايس او پي ڀڃڪڙي ٿئي ته بس مالڪن ۽ ڊرائيورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، مسافرن کي تنگ نه ڪيو وڃي، صحافين سان احترام سان پيش اچو، ڪنهن به آفيسر يا اهلڪار طرفان ايس او پي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي رياعت ڏني وئي ته انهن اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.