ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ايم ايس آفيس جي لفٽ خراب ٿي پئي جنهن ڪري ڊاڪٽر ڦاسي پيو، کيس وڏي مشڪل سان لفٽ مان ڪڍيو ويو، لفٽ ۾ ڦاٿل ڊاڪٽر جي ويڊيو وائرل ٿي وئي. ڪالهه سوشل ميڊيا تي سول اسپتال جي ايم ايس آفيس جي لفٽ خراب ٿيڻ سبب بيهي وئي. جنهن ۾ ڊاڪٽر ڦاسي پيو، جنهن بعد اسپتال جي سيڪيورٽي عملي پاران ڊاڪٽر کي ڦاٿل لفٽ مان ڏکيائي سان ٻاهر ڪڍيو ويو.