ڏاهپ جا ڏُک !

0
379

انسان جي سوچڻ جو عمل نهايت ئي عظيم ليکيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن حد تائين اهو درست به چئي سگهجي ٿو. سوچ ويچار جڏھن ولوڙَجي انتها تائين پهچن ٿا تڏھن فِڪر اچي ٻک پائي ٿو! رڳو سوچڻ ڪنهن ڪم جو ناهي جيستائين هُو عمل جو سهڻو ۽ خوبصورت رُوپ اختيار ڪري نه وٺي.

 ڏاهَن زندگيءَ جي هر پل ۽ لمحي کي جستجو جو درجو ڏنو آھي ته ڏُکن جا پهاڙ ڪري به لکيو آھي! زندگيءَ عظيم به آھي ته اذائيندڙ به آھي! شاعرن زندگيءَ ۽ ان جي حساس پهلوئن تي سٺو ڪم ڪيو آھي، پر ڪنهن حد تائين چئي سگهجي ٿو ته هنن حقيقتن طرف گهٽ ڌيان ڏنو آھي! جان ڪيٽس فطرت جو شاعر تصور ڪيو وڃي ٿو، هُن فطري حسن تي شاعري سرجي آھي. هُو عمر ۾ ننڍو پر فِڪر ۾ تمام وڏو ماڻھو هو. هُن وٽ ڏُک پيڙائون دائمي آھن! جيتوڻيڪ اجتماعيت ۾ ھُو اڪيلو ٿو لڳي!

سندس محبوبا سهڻي هئي. فيري برائين خوبصورت عورت هئي. هن جو حُسن جان ڪيٽس لاءِ زندگيءَ جو ڪُل سرمايو هو! “آئون موت جو ڏُک برداشت ڪري سگهان ٿو پر هُن جو وڇوڙو ۽ وصال هرگز نه”! جان وٽ ڏُکن جي اهميت بلڪل ڪونه هئي.

ڏاهپ دنيا جي عظيم شيءَ تصور ڪئي وڃي ٿي پر سئو سيڪڙو سچ به ڪونهي! ڏاهپ کي ڏُک ججها ۽ آسائشون ان جي ڀيٽ ۾ بنھه ٿورڙيون آھن. سائنس چوي ٿي ته انساني دماغ ۾ ڪروڙين اربين ماليڪيولز سيلز آھن، ان هڪڙي هڪڙي جزي جو ڪم وشال ڪائنات جيترو ٿي سگهي ٿو. نفسيات جي علم ۾  انساني دماغ کي تمام گهڻو وزن رکندڙ چيو ويو آھي! هي ڏسڻ ۾ صفا سادو ۽ ننڍڙو آھي پر ان ۾ موجود جسماني عضووا تمام ڳرا ۽ وزني آھن پر شرط اهو آھي توهان ۾ اهڙو فِڪر شعور پرکڻ جو ادراڪ هجي.

ڏُک انفرادي به آھن ته اجتماعي به ٿيندا آھن. ڏُک باطني به آھن ته ظاهر ظھُور به آھن. ڏُک سموري ڪائنات جي ڪهڪشاهن تائين پکڙيل ڦلهيل آھن ته ڪٿي گهڻا به آھن! گهڻا اتي آھن جتي انساني زندگيون ۽ خاص ڪري ڏاها علم ۽ عقل جا اڪابر موجود هوندا آھن. اهڙو تصور عام زبان ۾ ڪيو وڃي ٿو.

انفرادي ڏُک تڪليفون ايتريون اذائيندڙ ناهن جيتريون اجتماعي تڪليفون ڏُکوئيندڙ آھن. انفراديت ۽ اجتماعيت کان اڳ وارو ڏاڪو “ڏاهپ جي ڏُکن جو آھي” اُھي ڏُک دنيا جي هر جاندار ۽ غيرجاندار مادي حقيقتن جي تصور جو تَخيل به هونديون آھن!

اسان پنهنجن ذاتي گڏجاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي پنهنجي علمي ادبي  ڏاهن ۽ اديبن کان اهو ٻُڌندا آھيون ته يار شعور عذاب آھي. اهڙي رڙَ اهڙو اظھار دنيا جي گهڻي ڀاڱي سمورن ڏاهَن به ڪيو آھي! ڪن ڏاهَن خودڪشيون به ڪيون ته ڪن زندگيءَ جي حقيقتن کي باريڪ بيني سان ڏٺو سمجهيو ۽ هن جي هر پل کي عظيم سمجهي گذاريو جن زندگيءَ کي هيئن گذاريو اُھي تمام ٿورڙا آھن! جن رڙيون هڪلون ڪري ڏاهپ جي ڏُکن سان جهيڙيو سي گهڻا آھن.

ھٽلر هڪ ڏاهي کان وڌيڪ ويڙھاڪ ۽ جنگجو تصور ڪيو وڃي ٿو! پر ھُو ڏُکن ۾ ڏاهو هو.ڇاڪاڻ جو هن وٽ ڏک اجتماعي هئا. تاريخ ۾ اُھي ڏاها وڌيڪ نروارَ ٿيا جيڪي سورن تڪليفن ۽ پيڙائن سان ڪفن ۽ بنا ڪنهن دفن جي دفنايو ويو! بُرونو به اهڙو ڏاهو چيو وڃي ٿو، ھن جيڪو تحقيق ڪئي سو انساني شعوري ۽ فڪري دنيا ۾ وڏو ڇالَ هو! برونو جي ڏاهپ اهو هئي جو هُو ثابت قدمي پنهنجن اٽل ارادن حوصلن ۽ ڏُکن سميت بيٺو رهيو.برُونو مرڻ کان اڳ ڪنهن ڪليسا ۾ موجود هو، هن کان پڇيو ويو ته“توکي موت تمام ويجهو آھي ۽ هن وقت تنهنجي چوڌاري ڦيرا ڏئي هر هر جهاتيون پائي رهيو آھي!” تون هن سموري واردات کي ڇا ٿو سمجهين؟بُرونو خشڪ مسڪراهٽ سان وراڻيو ته “مون وٽ ڏاهپ آھي علم آھي طاقت آھي! مونکي موت جو ڏُک هن ڏاهپ اڳيان تمام ننڍڙو ٿو لڳي”.برونو جا اھي آخري لفظ اڄ سندس مجسمي جي ساڄي پاسي لکيل آھن.

برونو ڏاهپ ۽ ڏُک جي انتها جي گِهرائين تائين پهچي چڪو هو. هُن جيڪو ڏاهپ جي ڏُک جي ڳالھه ڪئي سا هي هئي ته باعلم باشعور ذھن جڏھن منهنجي تاريخ پڙھندو تڏھن منهنجي موت وارو ڏُک ضرور ٿيندو پر منهنجي ڪيل تحقيق ياد ايندس تڏھن هن جو ڏُک ختم ٿي ويندو. شايد برونو ڏاهپ جي ڏُک کان گهڻو اڳتي نڪري انهي جو علاج ڪري چڪو هو. علي بابا سنڌي ڪهاڻي جو ڀلو ماڻھو هو. علي بابا به ڏاهپ جي ڏُک جو اظھار ڪيو ۽ هُن هڪ هنڌ ڏُکاري ڪيفيت ۾ پنهنجي ذات سان مخاطب ٿيندي لکيائين ته:

ادب جي تاريخ تي نظر ڦھلائينداسين ته مھا ڀارت جي سرجڻھار ويد وياس کان وٺي ھومر، ڪاليداس، شيڪسپيئر کان ويندي شاھه لطيف تائين، گوئٽي کان وٺي ليوٽالسٽائي ۽ ٽئگور، سڀ اميراڻا ٻار ھئا. غالب به ھڪ نواب جو ٻار ھو. پوءِ مان غريب جو ٻار ان ڪم ۾ ڪيئن ٽپي پيس..! ھاڻ نڀائجي ته نڀائجي ڪيئن؟ ھن پلصراط جھڙي ترار تان ھلندي، پاڻ ڪيئن سنڀالجي؟ مٿان باھه ۽ ھيٺان لاوي جو ساگر پيو ڇُلي، موت کان سواءِ ڪٿي نه ختم ٿيندڙ سفر.ايڏي عذاب ۾ مان لکان ڇو ٿو؟شڪسپئير جا ڊراما ادبي دنيا جي آڪاس جا ستارا تصور ڪيا وڃن ٿا. شڪسپيئر جا ڪردار لازوال ۽ بي مثال چيا وڃن ٿا. هُو پنهنجي ڊرامن ۾ منفرد چيو وڃي ٿو پر فڪشن جي دنيا ۾ هر ليکڪ منفرد ۽ پنهنجي انفراديت رکندڙ ضرور آھي بلڪ زندگي جي سمورن شعبن ۾ گهڻي ڀاڱي ايئن ئي آھي.

شڪسپيئر جي ڊرامي “پينَ” معنيٰ ڏُک ۾ هن ڏاهپ جي ڏُک جي پت وائکي ڪئي آھي. شڪسپيئر لکيو آھي ته “بيني اڄ تو کائڻ ۾ ڪجهه آندو ئي ناهي! پنهنجا ٻچڙا بکيا آھن ڇو؟؟؟ اڄ ٽيون ڏينهن آھي ڪا شيءَ خريد نه پيو ڪرين؟؟ڪيووَ وراڻيو ته مان ڏاهو آھيان! منهنجا ڊراما اڳتي وڪرو ٿين نه ٿا جو مان ڪجهه خريد ڪري سگهان! سندس زال ڪاوڙ مان ٻيهر چوڻ لڳي جيڪڏھن ڏاهپ اهڙي ڏُکي ۽ تڪليف واري آھي ته تو هن ننڍڙي کي ڇو جنميو؟ڪيووَ ٻيهر وراڻيو ته مان هڪ تخليقڪار آھيان منهنجو ڪم تخليق ڪرڻ آھي مارڻ ۽ ختم ڪرڻ هرگز نه..!” اُھا رات گذري ٻئي ڏينهن جي صبح ۾ سندس خاندان موت جي ننڊ سمهي پئي ٿو. لاش تي ڪيووَ جي هٿ اکرين هوندو آھي ته “ مون چاهيو ٿي ته مان ڏاهپ کانپوءِ ڏُک برداشت ڪيان پر مان ناڪام ويس”.  ڪيووَ شڪسپيئر جو اهڙو ڪردار آھي، جنهن کي يورپ کان ويندي دنيا جي سمورن ڏاهن پنهنجي اندر ۾ هن لازوال ڪردار کي پاڻ سان ڀيٽيو ضرور ھوندو.

سترهين صدي ننڍي کنڊ جو اُھو سڀاڳ دور جنهن ۾ لطيف جهڙو بيمثال ۽ عظيم شاعر مفڪر  پيدا ٿيو.لطيف ڏُکن کي منزل ٿو سمجهي! شايد ئي اهڙو تصور دنيا جي ٻي ڪنهن شاعري ڏنو هجي، پر لطيف ڏاهپ جي ڏُک تي بيهي به رهي ٿو! هن اهڙو اظھار به ڪيو ته “الا ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن” لطيف جنهن سماج ۾ رهيو پليو نپنو اهڙي سماج ۾ اهڙو عظيم مفڪر جو اڀرڻ سوچ سمجھه ۽ ويچار ۾ ٻڏيو وڃي، اهو دور سياسي سماجي ۽ شعوري طور تي ايترو اُسريل نه هو. اهڙي دور ۾ لطيف جهڙي مصورَ جو هجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي! لطيف انفراديت نه بلڪه سمورو سراپا اجتماعيت جي ترقي سڌاري جي جوهر جو استعارو  ۽ عظيم فِڪري ماڻھو هو. هُو هر دور ۾ علمي ماڻھن لاءِ سونهون آھي. لطيف وٽ اهو ڏاهو نه ٿيڻ وارو خيال دراصل ان يونان جي ڏاهي جهوني سقراط جي خيال سان مشابهت رکي ٿو. هُو چوي ٿو مان ڏاهو ناهيان مان اڻڄاڻ ئي سهي! اهڙو ادراڪ هر انهي ماڻھو وٽ هوندو جيڪو حقيقتن جي انتهائن تائين رسائي ڪري ٿو.

شيخ اياز سنڌي شاعري جو موجد چيو وڃي ٿو سندس مطالعو جو پڙاڏو هر جاءِ تي ملي ٿو.اياز جي ذاتي زندگيءَ ۾ ڏُک تمام گهڻا هئا پر هُن هو ڏاهپ جا ڏُک انقلابي ۽ شعوري شاعري ڪري ڏاهپ کان ڏُک پاڻ کان جدا ڪري ڇڏيندو هو!

‏ڏاھپ ڪيڏا ڏنڀ ڏئي ٿي،

ڏنڀ ڪيڏي ڏاھپ ڏين ٿا.! شيخ اياز

ڏُک جستجو به آھن ته موت به آھن. ڏُک حسين به آھن ته ڏُک بُرا به آھن. ڏُک زندگي جي حسناڪين طرف ڪر موڙي اٿي ٿو ته ڊيڄاري به ٿو. ڏُک زندگي جو حصو آھن پر ڏاهپ جو ڪڏھن به نه “ڏاهو سماج جو فڪري ويڄ آھي! ويڄ بيماري ختم ڪندو آھي مايوس ڪونه ڪندو آھي!”.