مهانگائي جو سونامي اڃان ڪيتري بربادي آڻيندو؟

0
216
ڀرتين جو نئون نظام ڪيترو شفاف هوندو!؟ 

“جيڪڏهن مهانگائي وڌي وڃي ۽ عوام سهولتن کان محروم هجي ته سمجهڻ گهرجي ته حڪمران ڪرپٽ ۽ نااهل آهن.” اهو ٻئي ڪنهن نه پر نئون پاڪستان ٺاهڻ ۽ تبديلي آڻڻ جون دعوائون ڪندڙ وزيراعظم صاحب چيو هو. انصاف جي نالي تي نا انصافي واري نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪندڙ خان جي ٻين ڳالهين تي اعتبار ڪجي يا نه پر هي ڳالھه هن سورنهن آنا سچ چئي هئي.

مهانگائي جا سڀئي رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، ان سان گڏوگڏ عوام جي چيلھه به ٽٽي وئي آهي!  نئون پاڪستان جيڪو ٺهيو اهو ته سڀني جي سامهون آهي پر افسوس جو سنگت پراڻي پاڪستان کي به ICU ۾ پهچائي ڇڏيو.  پنجاھه کان سٺ سيڪڙو ماڻهو هڪ ويلي جي کاڌي لاءِ پريشان آهن، پئٽرول ۽ دوائن جا اگھه هاٽ پراپرٽي جيان روز جي بنياد تي وڌي رهيا آهن، مارڪيٽ ۾ خريداري لاءِ وڃو ته هر ڀيري نوان اگھه ٻرنديءَ تي پئٽرول ثابت ٿي رهيا آهن. هر ڏينهن ماڻهن کي مسئلن جي پل صراط تان گذرڻو پوي ٿو، مهانگائي واري سونامي جي سطح هاڻي نڪ تائين اچي چُڪي آهي.

گذريل ٽن مهينن ۾ ڪجھه ڏينھن جي وقفي سان ڪيئي ڀيرا پئٽرول جون قيمتون وڌيون، هاڻي وري پئٽرول جون قيمتون وڌڻ واريون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، پئٽرول جون قيمتون وڌڻ سان سرندي واري طبقي تي ان جا ڪي خاص اثر نه ٿا پون پر مصيبت اِها آهي ته پئٽرول جي قيمتن سان ڪراين ڀاڙن کان ويندي عام استعمال توڙي کاڌي پيتي جي سڀني شين جا اگھه وڌي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ مسڪين لڏي کي رت جا ڳوڙها ڳاڙڻا پون ٿا. اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ته حڪومت پاران مقرر ٿيل اگهن کان في ليٽر وڌيڪ پئسا اوڳاڙيا وڃن ٿا، قانون ۽ پُڇاڻي جي نه هئڻ سان به هيٺئين طبقي جو روزانو هر جاءِ تي استحصال ٿئي ٿو ۽ حڪمرانن وٽ اهڙن معاملن ۽ ماڻهن لاءِ وقت ڪونهي.  ٽي سال گذرڻ کان پوءِ به حُڪمرانن جو پُراڻو ۽ بي سُرو راڳ بند نه ٿو ٿئي، اڃان تائين پنهنجن نااهلين جي ذميواري پوين حُڪومتن تي وجهڻ واري روايت برقرار آهي. وٺ سوال ڏي جواب واري وارين سرگرمين تي زور آهي، عوام ۽ انهن جي بنيادي مسئلن تي سوچڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪا به چُر پُر نظر نه ٿي اچي. نڪ جي پڪائي جي انتها اها آهي جو عوام مسئلن جي ڌُٻڻ ۾ هيٺ تائين ڦاسي چُڪو آهي پر حڪمران ڪامياب حڪمراني جون دعوائون ڪندي ذري برابر به ڦِڪائي محسوس نه ٿا ڪن!

ڊالر جي قيمت ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي جڏهن ته پاڪستاني روپئي جي حيثيت ۾ مسلسل لاٿ پر حڪمرانن جي روش مان صاف ظاهر آهي ته هنن کي ان جي ڪا به پرواهه ناهي. سندن سر بخت جو خير هجي باقي عوام وڃي ڌوڙ پائي، هنن تي ڪو به اثر نه ٿو پوي.  اٽو مهانگو، چانورن جا اگھه به چڙهي ويا، دال به پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي، گوشت ۽ مڇيءَ لاءِ ته مسڪين ماڻهو سوچي به نه ٿا سگهن، هاڻي ته بصر به سٺ کان اسي روپيا ڪلو ٿي ويو آهي، ڀينڊيون به في ڪلو سئو کان مٿي پهچي ويون، ٽماٽن جو مُلھه به ٽاپ تي آهي!! کنڊ به سئو روپيا ڪلو تائين پهچي وئي آهي، گيھه ۽ تيل جا اگھه به چوٽ چڙهيل آهن، غريب ماڻهو ڇا کائي ۽ ڪيئن کائي!؟ هاڻي حالتون اهڙيون آهن جو مسڪين ماڻهن لاءِ ڪچي بصر سان ماني کائڻ به ڏُکيو ٿي ويو آهي. مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جو خاتمو ته ڪنهن به صورت نظر نه ٿو اچي پر غريب ماڻهو جو خاتمو صاف نظر اچي رهيو آهي.

ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ڪجھه ڏينھن اڳ پنجاب ۾ هڪ ماڻهو پنهنجن ٽن ٻارڙن سميت کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو ۽  هڪ غريب ماڻهو  غربت کان تنگ اچي پنهنجي ڇهن مهينن جي نياڻيءَ کي 25 هزارن ۾ وڪڻي ڇڏيو، اِهي خبرون ٻڌي سچ پچ ته سڪتو طاري ٿي ويو، جنهن ملڪ ۽ سماج ۾ اهڙي صورتحال هجي اتي حڪمرانن کي حُڪمراني ڪرڻ جو ڪهڙو قانوني  توڙي اخلاقي حق ٿي سگهي ٿو!؟ نالي ۾ قانون، سسٽم، ادارا سڀ ڪجھه آهي پر اهو سڀ ايترو ته ناڪاره ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي جو ڪو به لاڀ نه ٿو ملي، ڪجھه ملي ٿو ته اهو به پهچ وارن ماڻهن لاءِ آهي. غريب ماڻهو جي زندگي ڪنهن وڏي سزا کان گهٽ ناهي، هو اهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي جنهن ۾ هر پل موت جهڙي اذيت آهي!! خبر ناهي ته مهانگائي جي اها سونامي اڃان ڪيتري تباهي آڻيندي؟ اڃان غريب، لاچار ۽ بي پهچ ماڻهو ڪيتري اذيت برداشت ڪندا؟ اها به خبر ناهي ته غربت، لاچاري ۽ بي سرو سامانيءَ جي ڪري اڃان ڪيترا ماڻهو پنهنجين زندگين جو ڏيئو پنهنجن ئي هٿن سان اُجهائڻ لاءِ مجبور ٿيندا!؟

هڪڙو سوال ناهي، ڪيئي سوال آهن! حڪمرانن وٽ انهن سوالن جا جواب آهن يا نه پر انهن سوالن توڙي سواليه بڻيل صورتحال لاءِ ذميوار بهرحال حُڪمران ئي آهن، اميد ته بلڪل ناهي پر پوءِ به اها دُعا آهي ته شل حڪمرانن کي هوش اچي ۽ هو غريب عوام جي دردن کي سمجهي سگهن ۽ انهن جي دردن لاءِ ڪجھه ڪن.