ڪمزورين تي ڌيان ڏيڻ جي ضرو رت

0
360
جشن سان گڏ سوچڻ جي ضرورت

زنده قومون سدائين جاکوڙ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي ۾ رهنديون آهن. انساني سماج سدائين اٿل پٿل مان گذرندو رهي  ٿو. ان جاهڪڙا مسئلا  نبيرجن ٿا ته نوان جنم وٺن ٿا  هاڻي جيئن ته عالمي سطح تي رياستن جا معاملا گهڻا  ڳانڍانچي ويا آهن، تنهنڪري سموري دنيا جا سماج لڳاتار  گڏيل  جستجو جي سفر ۾  رهن ٿا. نه رڳو اهو ته پراڻا مسئلا شڪليون مٽائي هلندا رهن ٿا  پر روز نت  نوان چئلينجز به ڪر کڻندا رهن ٿا.  جيڪي سماج اوسر جي مٿئين ڏاڪي تي آهن،اهي مستقبل جي چئلينجز کي وقت کان اڳ  اورانگهڻ جي ڊوڙ ۾آهن ۽ ٻيا اسان جهڙا سماج آهن جيڪي هڪ پاسي پنهنجي وجود سان لاڳاپيل مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن ته ٻئي  پاسي نئين  دور جي گهرجن سان به مهاڏو اٽڪائڻ۾ رڌل آهن.

زندگي  جي ان ڊوڙ ۾ سنڌ به ايئن ئي شامل آهي،  ان کي نه رڳو پراڻپ مان جان ڇڏائڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا پيا پون پر ايندڙ دور ۾ لاڳاپيل رهڻ  لاءِ به جاکوڙ ڪرڻي پئي پوي. ماضي ۾ مڙهيل ڪيترن ئي خسارن سبب سنڌ ڪيترن ئي  ميدانن ۾ همعصر سماجن کان پٺتي رهجي وئي آهي. حڪمرانن جي لاپرواهي ۽ عوام جي اٻوجهائپ ان جي اوسر کي پير ڪڙيون هڻي ڇڏيون آهن. سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ساڃاهه کي نين حقيقتن کي ذهن ۾ رکندي سنڌ جي ڪمزور پاسن کي سمجهڻو پوندو ته جيئن مسئلن جا تز حل ڳولڻ لاءِ حڪمت عمليون جوڙي سگهجن.

ويجهڙ وارن ڏهاڪن ۾ ٽيڪنالاجي  جي تيز رفتار اوسر سبب معشيت ٻهراڙين مان نڪري شهرن ڏانهن منتقل ٿي آهي.  ڪيترن ئي  ملڪن جي معيشت جو بنياد زراعت مان تبديل  ٿي صنعت ۽ سروسز سيڪٽر ڏانهن منتقل ٿيو آهي. خود پاڪستان ۾ به زراعت جي معيشت ۾ ڀائيواري 60 سيڪڙو کان  گهٽجي 20 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ وڃي بچي آهي. جيتوڻيڪ زراعت خوراڪ جي سهائتا ۽ ٻهراڙين ۾ روزگار ۽ گذر سفر جو اڄ  به وڏو وسيلو آهي  تنهن ڪري ان جي اهميت برقرار آهي پر  ويجهڙ ۾ جيئن شهري آباديون وڌيڪ پکڙيون آهن تئين رٽيل مارڪيٽ، ريئل اسٽيٽ، بئنڪنگ، ننڍي ۽ وڏي صنعت ٽرانسپورٽ معيشت ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي ان دوران زراعت جو شعبو ٽيڪنالاجي  ۽ سيڙپڪاري گهٽجڻ سبب اهو پٺيرو ٿيندو ويو آهي.  ايئن جيئن معيشت جو ڍانچو بدليو آهي سماج جي بيهڪ به تبديل ٿي آهي ۽  مسئلن جي نوعيت به بدلجي وئي آهي. انهن تبديلين  جو تعلق سنڌ جي سياسي مسئلن سان به آهي. انهن تبديلين قومي اوسر ۽ اڳڀراين جي گهرجن کي به بدلائي ڇڏيو آهي.  مسئلن جا بنياد کڻي نه بدليا آهي پر انهن  لاءِ حڪمت عملين ۾ نواڻ  اڻٽر گهرج  ٿي وئي آهي.

مٿي معيشت جي بنيادن ۾ تبديلي  جو مختصر بحث ڪرڻ مان مقصد ان حقيقت تي زور ڏيڻ آهي ته سنڌين کي نئين معيشت جو حصو بنجڻ کان سواءِ ڪا واهه ناهي. ان لاءِ ضروري آهي ته يا ٻهراڙين ۾ زرعي ۽ ٻين صنتعن جو ڄار پکڙجي ۽ زراعت/چوپائي جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي مدد سان جدت اچي يا ٻهراڙين جا نوجوان صنعتي مرڪزن جي  معيشت  جو حصو بنجڻ لاءِ  تياري ڪن. شهرن ۾ صنعت، ريزڪي مارڪيٽ، ريئل اسٽيٽ، ٽرانسپورٽ ۽ بئنڪنگ جهڙن شعبن ۾ اسان جو تجربو محدود آهي. سنڌي  سماج گهڻي ڀاڱي  يا ته پراڻن طور طريقن واري زراعت سان سلهاڙيل رهيو آهي  يار وري سرڪاري شعبي جي نوڪرين تي ڀاڙيندو رهيو آهي. ان جي تعليم  ٽريننگ ۽ سمورو ڪاروهنوار شهري معيشت جي شعبن کان پرڀرو رهيو آهي.  انهن شعبن  ۾ اسان هوريان هوريان  پير رکڻ شروع ڪيو آهي.  انهن شعبن  لاءِ جن مهارتن جي گهرج آهي ان ۾ معياري تعليم، هنري سکيا، ذاتي ڊسپلين ۽ لڳاتار محنت بنيادي گهرجون آهن. بدقسمتي سان اسان معياري تعليم جي ميدان ۾ وڏو ڌڪ کائڻ سبب انهن گهرجن ۾ نقصان کائي رهيا آهيون. ٻهراڙين ۾ نه رڳو شروعاتي تعليم جي حالت انتهائي خراب آهي پر يونيورسٽين جو معيار به ايڪڙ ٻيڪڙ ادارن کي ڇڏي مجموعي طور مارڪيٽ جي چٽا ڀيٽي جون گهرجون پوريون نه ٿو ڪري. ٻئي پاسي ملڪ جي وڏن شهرن اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ يونيورسٽين جو ڄار پکڙجي رهيو آهي،جتي تعليم جو معيار اسان جي يونيورسٽين کان اڳڀرو آهي. خانگي شعبي ۾ جيئن ته ڪا به ڪوٽا ناهي هوندي، تنهنڪري  اسان جو نوجوان خانگي شعبي جي اهم موقعن کان محروم ٿي رهيو آهي. سياسي تعصب جو نشانو بنجڻ واري حقيقت هڪ محدود حد تائين ٺيڪ آهي  پر اسان چٽاڀيٽي ۾ به ڌڪ کائي رهيا آهيون،جنهن کان گهڻو وقت انڪار ڪري نه سگهبو. هي اهڙو معاملو آهي  جنهن تي رڳو مطالبن ۽ مذمتن سان نتيجا نه ملي سگهندا. ان لاءِ حڪمت عملين جي گهرج آهي.

جيئن ته اسان جو نوجوان خانگي شعبي  ۾ اهم عهدن تائين پهچڻ جي ڊوڙ ۾ پٺيرو آهي  تنهنڪري اهو ٻين نوجوانن کي واهر فراهم ڪرڻ کان به وانجهو آهي. ساڳي طرح هيٺين ۽ وچولي  سطح  جي نوڪرين لاءِ فني هنرن جي ضرورت آهي، ان ميدان ۾ به اسان پٺيرا  آهيون. ٻهراڙين ۾ صنعت نه هجڻ سبب شهري صنعت جي هنرن ۽ تجربي جي اڻ هوند اسان جي شهرن ۾ اوسر اڳيان رنڊڪ آهي. شهري معيشت جو ٻيو ميدان مارڪيٽ ۽ ٽرانسپورٽ آهي. ان ميدان ۾ نسبتن بهتر اڳڀرائي  ٿي آهي  ۽ ڪراچي، حيدرآباد، سکر،  نوابشاهه جي مارڪيٽن ۾ سنڌين جي موجودگي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي.  اهو ميدان تمام  وڏو آهي ۽ ان ۾ تمام  گهڻي  گنجائش موجود آهي. سنڌي نوجوان ورهين تائين سرڪاري نوڪري جي  ڳولا ۾ ڊوڙڻ بجاءِ جيڪر  ننڍن وچولن شهري  ڪاروبارن ڏانهن لاڙو ڪري ته نه رڳو ٻهراڙين ۾ بيروزگارن جو انگ گهٽجندو پر شهرن ۾ اسان جي معاشي ڀائيواري به وڌندي.

سنڌين جو ٻيو ڪمزور ميدان بين الاقوامي  فورمز خاص طور  تي سفارتي حلقن ۾ موجود نه هجڻ آهي. پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ سياسي پاليسن کان وٺي امدادي رٿائن تائين اهم فيصلا  ملڪ کان ٻاهر ٿين ٿا.  ان معاملي ۾ پنجابي، پختون ۽ اردو  ڳالهائيندڙ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ  ۾ ڏهاڪن  کان موجود آهن.  ڊگهي عرصي کان انهن ملڪن ۾ هجڻ اتي جي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اتي نوڪريون توڙي ڪاروبار ڪرڻ سبب انهن برادرين جا انهن ملڪن جي  اهم حلقن اندر گهرا لاڳاپا آهن. اتي جي  سفارتڪارن سيڙپڪارن ۽ ٻين ادارن تائين سندن پهچ تمام سگهاري آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌي  پرڏيهه اندر اهم فورمن ۽ فيصلا  ڪندڙ حلقن تائين پهچ ۾ تمام گهڻو پٺتي آهن. انهن ملڪن اندر پاڪستان بابت جڏهن تمام رسمي  توڙي غير  رسمي فورمن تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي تي اتي سنڌين جي ڪابه نمائندگي ناهي هوندي.  اهو ئي سبب آهي جو پرڏيهه ۾ تعليم جي موقعن، پاڪستان اندر ترقياتي رٿائن جي مالي واهر،  غير سرڪاري شعبي جي ترقياتي رٿائن، نوڪرين  جي موقعن وغيره ۾ سنڌين جي حصي لاءِڪير به ڳالهائڻ واري ناهي هوندو.  ان جو ڪارڻ به ڏهاڪن تائين اسان جو ٻهراڙين جي معيشت ۽ سرڪاري نوڪرين تائين محدود رهڻ آهي.  پرڏيهه ته پري جي ڳالهه آهي اسان جو ڪراچي، اسلام آباد وڃي رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ وارو لاڙو به اڃان شروعاتي مرحلن ۾ آهي.  اسان ٻاهرين ملڪن ۾ تمام ٿوري انگ ۾ آهيون ۽ انهن مان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به اهم فورمن ۽ شخصيتن تائين پهچ نه ٿا رکن.  ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌين جون تنظيمون به گهڻيون سگهاريون ناهن جيڪي عوامي سفارتڪاري واري ڪردار ادا ڪري سگهن.

عوامي سفارتڪاري اڄوڪي دور ۾ روايتي سفارتي ميدان جيترو ئي اهم آهي ۽ ڪجهه معاملن ۾ ته وڌيڪ  اثرائتو آهي. نه رڳو عالمي ميدان پر ان ڏس ۾  اسان ملڪي سطح تي به ڪمزور آهيون. اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ملڪي سطح تي اهم فيصلا  ڪندڙ ادارن ۽ حلقن تائين اسان جي پهچ  نهايت محدود آهي. اهو ئي سبب آهي جو عالمي توڙي ملڪي سطح تي فيصلا ڪندڙ حلقن ۾ سنڌين جي مفادن لاءِ ڳالهه ڪرڻ  جا موقعا موجود ناهن. اسان جي سياسي قيادت ۽ ٻين حلقن کي ان بابت سنجيده سوچ ويچار جي ضرورت آهي. سنڌ جي سياسي قيادت کي وقت ڪڍي جدوجهد جي طريقن ميدان ۽ حڪمت عملين تي نئين  سر ويچار ڪرڻ گهرجي. جيئن اسان جي آس پاس ۾ سڀ ڪجهه بدلجي چڪو آهي اسان  کي به ان آهر پاڻ کي بدلائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي.