ڇاڇرو/ڏاهلي (نمائندن وٽان)  ڏاهلي ۾  راهمان برادري سان تعلق رکندڙ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاران برادري جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، مرڻي، پرڻي ۾ خرچ گهٽائڻ جو فيصلو. ان ڏس ۾ ڳوٺ عيداڻي ۾ راهمان برادري جو  ڪٺ ٿيو، جنهن ۾  پاڪستان پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، جي ڊي اي سان تعلق سياسي سماجي اڳواڻن دوست محمد راهمون، ايم پي اي عبدالرزاق راھمون،   نظام الدين راھمون، علي اڪبر راهمون، سڪيلڌو راهمون، سليمان راهمون، عمران راهمون ۽ ٻين  شرڪت ڪئي، ڪٺ وڌندڙ مهنگائي سبب تبديل ٿيندڙ معاشي حالتن جو جائزو ورتو ويو، جنهن بعد  فيصلو ڪيو  ته مرڻي تي  ايثال ثواب لاءِ خيرات جي ماني سادگي سان کارائي ويندي فضول خرچ ختم ڪيا ويندا، برادري جي فلاح لاءِ ويلفيئر ڪميٽي به جوڙي وئي، ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ دوست محمد راهمون چيو ته هي سماجي گڏجاڻي آهي جنهن ۾ گڏ ٿيا آهيون جي سياسي طور گڏ ٿياسين ته گهڻن جو ڪم خراب ٿي ويندو،برادري جي ساٿ ڏنو ته سماجي اتحاد کانپوءِ سياسي اتحاد به ٿي سگهي ٿو، جي ڊي جي ايم پي عبدالرزاق راھمون چيو ته عزت جتي ملي اتي بيهنداسين،  پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نظام الدين راھمون چيو ته سماجي طور برادري سان گڏ آهيون، هر ڏک سک ۾  سياسي  طور آئون مخدوم شاھ محمود حسين قريشي سان گڏ هوندس،