لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ قيد ڀوگيندڙ وڪيل شفقت عمراڻي جي آزادي لاءِ خانگي اسڪول کان ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو.محمد علي عمراڻي، راجا غلام حيدر، الطاف،آفتاب ملگاڻي، محمد ايوب بنگلاڻي، نادر مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪب آباد پوليس سال 2018ع ۾ قتل ٿيل صنم عمراڻي جي واقعي جو ڪوڙو ڪيس سندس ڀائرن ايڊووڪيٽ شفقت عمراڻي، لياقت ۽ ٻين مٿان داخل ڪيو، شفقت عمراڻي 5 سال کان جيل ۾ قيد آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ لياقت عمراڻي ضمانت تي آزاد آهي. هنن چيو ته ڪيس جون 180 ٻڌڻيون ٿيون آهن، پر جوابدار ڌر عدالتن ۾ پيش نه پئي ٿئي، شفقت عمراڻي کي آزاد ڪرائي سندس ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي وائکو ڪري انصاف ڪيو وڃي.