ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ جي ٻوڏ ۽ برسات متاثر يونين ڪائونسل پوراچو جي ڳوٺن سومر قمبراڻي، پناھ جتوئي، وريام جتوئي، علي مردان، ڌڻي بخش جتوئي جي ھن وقت تائين سروي مڪمل ناھي ٿي سگھي. ڳوٺاڻا مدد جا منتظر آھن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تہ برسات ۽ ٻوڏ سبب اسان جي ڳوٺن ۾  سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويو آھي پر ھن وقت تائين ڪنھن بہ سماجي تنظيم سروي ناھي ڪئي جنھن سبب ڪا بہ واھر ناھي ٿي سگھي ھنن چيو آھي تہ يو سي پوراچو ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم  ائڪٽيڊ پاران يونين ڪائونسل جي ڪجھ ڳوٺن جي سروي ڪئي آھي پر اسان جا ڳوٺ سروي کان رھجي ويا آھن ھنن گھر ڪئي آھي تہ اسان جي ڳوٺن جي سروي ڪرائي ماڻھن جي مدد ڪئي وڃي