ڌاٻيجي (ن پ ا) ڪوهستان جي زمين تي والار ۽ بااثر جي زيادتين خلاف ڪوهستان واسين عالم شير جوکيو، سوزعلي، سالار، ڪريم جوکيو ، زاھد ياسين جوکيو ۽ ٻين ڌاٻيجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته گجو ڀرسان ڪوهستان ۾ قائم اسان جي ماروثي زرعي ۽ مال چاري جي زمين تي بااثر ڪراچي جي بلڊرن سان ملي هر روز ڳوٺن تي چڙھايون ڪري زمينن تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آھن، جنهن سبب اسين خوف ۾ ورتل آھيون، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.