مٺي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ آبادگارن کي 80 سيڪڙو سبسڊي ۽ کاري پاڻي واري زراعت جي طريقيڪار تي پلان جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٿر جي زير زمين کاري پاڻي تي فصلن جي پوکائي واري منصوبي جو باضابطا افتتاح، کاري پاڻيءَ تي زراعت جي طريقي ڪار کي سرڪاري طور اپنايو ويندو، اهڙو اعلان سنڌ جي سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو مٺي جي شھيد بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ هڪ ڏينهن واري بايو سيلائين زراعت واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس جو انتظام سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني، زراعت کاتي، اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ ٻين ادارن پاران گڏيل طور ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي زرعي ماهرن، آبادگارن ۽ سماجي شعبي جي نمائندن پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ بايوسيلائين زراعت جي موقعن کي اپنائڻ جي لاءِ پاليسي سفارشون پڻ جوڙيون ويون، ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته ٿر جي کاري پاڻي جي وسيلن کي هڪ موقعي طور ڏسڻ گهرجي ۽ ٿر فائونڊيشن جهڙي تنظيمن جو ڪامياب تجربو استعمال ڪندي علائقي ۾ لاڳو ڪيو وڃي ٿو، پاڻيءَ جي معيار جي مسلسل نگراني کان علاوه لوڻياٺ برداشت ڪندڙ ٻوٽا به متعارف ڪرايا وڃن، .پرائيويٽ ۽ سرڪاري شعبن، اڪيڊمي ۽ هارين جي وچ ۾ رابطا قائم ڪيا وڃن ته ٿرپارڪر ۾ سرڪاري سطح تي آبپاشي جو جديد نظام متعارف ڪرايو وڃي. بايوسيلائين زراعت سان لاڳاپيل شين جي طلب پيدا ڪرڻ لاءِ نرسريون قائم ڪرڻ ۽ کاري پاڻي تي ٿيندڙ گاهه هالوفائيٽس، فصل ۽ کاري پاڻي تي مڇي جا فارمز لڳائڻ گهرجن، ان موقعي تي سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بايو سيلائين زراعت کي اپنائڻ جي لاءِ ڪانفرنس جي سفارشن تي عملدرآمد جي لاءِ سمري سنڌ ڪابينا کي اماڻي ويندي، هن اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت زراعت جي جديد طريقن کي اپنائڻ لاءِ سنڌ جي هارين کي 80 سيڪڙو سبسڊي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو فيصلو باضابطه طور تي سنڌ ڪابينا کان منظور ڪيو ويندو. ڊي جي ريسرچ زرعي يونيورسٽي هدايت الله ڇڄڙو چيو ته ٿر جي زير زمين کاري پاڻي کي استعمال ۾ آڻي زراعت ڪري سگهجي ٿي، سڄي دنيا اندر اهڙا تجربا ڪامياب ٿي چڪا آھن، آبادگارن کي سرڪار وٽان اهڙن منصوبن لاءِ سبسڊي ملي ته ٿر به زير زمين پاڻي تي فصلن جي پوکائي جي صورت ۾ زرعي ضلعو بڻجي ويندو. جڏهن ته ڪانفرنس کي ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو، احمد منيب، ڊاڪٽر فتح مري، ڊاڪٽر سروش لودهي ، ڀائي خان شر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.