خيرپور (رپورٽر) خيرپور نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ 2021-2020 جي سلسلي ۾ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو مهمان خاص پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو ھئا. ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه خطاب ڪندي چيو ته خيرپور نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ پروگرام ضلعي جي غريب، مستحق ۽ بي پهچ شاگردن ۽ شاگرياڻين لاءِ 20 سال پهريان 2 لک رپين جي فنڊنگ سان سندس ڪوششن سان ضلع ناظم واري دور ۾ شروع ڪيو ويو.خوشي ٿي آهي ته ضلعي جا ٻار ملڪ جي تمام سٺين يونيورسٽين مان تعليم پرائي رهيا آهن جيڪا اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه اسڪروٽني ڪاميٽي کي چيو ته اسڪالرشپ پروگرام جي اشتهار جي پڻ تاريخ ۽ مهينو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هر سال ساڳئي مهيني ۾ اشهار ڏنو وڃي ۽ ٻارن لاءِ پڻ آساني ٿي سگھي. ان موقعي تي چيئرمين اسڪالرشپ بورڊ ۽ ڊي سي خيرپور راجا طارق چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته ڪوشش رهي آهي ته هن پروگرام مان صرف مستحق ۽ ميرٽ تي پورو لهندڙ ٻار کي ئي اسڪالرشپ سان نوازيو وڃي. اسڪالرشپ بورڊ جي سيڪريٽري فرحان علي ابڙو پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سرڪاري ۽ غيرسرڪاري 72 يونيورسٽين ۽ ڪاليجن مان 1088 شاگردن ۽ شاگردياڻين جون درخواستون مليون، جن مان اسڪروٽني ڪاميٽي پاران ميرٽ جو خيال رکندي 749 شاگردن کي اهل قرار ڏنو ويو آهي.آخر ۾ اسڪالرشپ 2021-2020 لاءِ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.