ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊو مستي ڀرسان درگاھ حضرت شيخ ماھي جو گادي نشين فنڪشنل ليگ اڳواڻ ميان فيض محمد پيرزادو 60 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازا نماز ڳوٺ شيخ ماھي ۾ ادا ڪئي وئي، جنازا نماز ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، مريدن، عقيدتمندن، علائقي ۽ برادري جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم کي اباڻي قبرستان شيخ ماھي ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.