شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو صحت مرڪز پاران پوليو مهم جي آگاهي لاء صحت مرڪز کان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽرن سول سوسائٽي استادن سياسي سماجي پارٽي جي ڪارڪنن ڊاڪٽر ڪاشف هنڱورو ڊاڪٽر صبا ڊاڪٽر اصغر صديقي ڪميونٽي سپورٽر نيڪ محمد شيخ ايس ٽي پي اڳواڻ گل حسن سولنگي جبار ٿهيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي ريلي صحت مرڪز کان ٿيندي درگاهه شيخ ڀرڪيو آچاري پهتي جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليو هڪ موضي مرض آهي جنهن جي خاتمي لاء سڄاڻ ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو .