ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) گورنمينٽ گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول ڊگهڙي جي هڪ ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، جنهن دوران شاگردياڻيون رسيس جو ٽائم هئڻ ڪري ڪلاس کان ٻاهرهجڻ سبب بچي ويون، شھرين ۽ سڄاڻ ڌرين چيو ته اسڪول جي عمارت زبون حال بڻجي چڪي آهي، جنهنڪري ڪنهن وقت به ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو، عمارت جي مرمت ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.