خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو ) خيرپور ناٿن شاهه لاڳيتو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، جتي خوراڪ ۽ دوائن جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، رهواسي بکن ۾ پاهه ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ خيرپورناٿن شاهه تعلقي جي ٻڏل ڳوٺن مان 50 ڏينهن گذرڻ باوجود ڊي سي دادو آبپاشي پبلڪ هيلٿ ، واپڊا اسڪارپ ايريگيشن انتظاميا پاڻي نيڪال ڪري نه سگهيا آهن، هزارين ڳوٺ لکين ايڪڙ زمين تي ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته ڳوٺن ۽ بندن تي ويٺل لکين ماڻهو راشن پيئڻ جي صاف پاڻي ، دوائون ٻارڙن لاء سڪل کير جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن مسلسل 50 ڏينهن کان سوين ڳوٺن ۾ هن وقت به 4 کان 6 فوٽ پاڻي بيٺل آهي خيرپورناٿن شاه کان ڪاڇي تائين سمورا روڊ رستا هن وقت به پاڻي هيٺ هجڻ جي ڪري ٻاهرن شهرن کان وڏي انگ ۾ واپس ايندڙ ٻوڏ متاثر پنهنجن خاندانن سان گڏ ٻيڙين جا ڳرا ڪرايا ڀري پنهنجن پنهجن ڳوٺن طرف وڃي رهيا آهن ، جڏهن ته شهر جي اڪثر ڪالونين محلن ۾ هن وقت به ٻوڏ جو پاڻي بيٺل ضلعي انتظاميا پاران شهر جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء انڊس هائي وي تي 5 مشينون رکي شهر جو پاڻي اوله طرف روڊ ڪراس ڪرائي ڪڍرائڻ جي ڪوششون ڪري رهيو آهي شهر جي مقامي اڳواڻن شهري اتحاد جي چيئرمين حافظ محمد امين جمالي ، ڊاڪٽر شفيق گاڏهي ۽ ٻين چيو ته ضلعي انتظاميا شهر جو پاڻي ڪڍڻ لاء ڪا به پلانگ ناهي ڪئي صرف ماڻهن کي ڏيکاءۡ لاء مشينون رکيون ويون آهن پهرئين انڊس هائي وي جون سموريون موريون بند ڪري ان بعد مشينن ذريعي پاڻي نڪرندو باقي هڪ طرف مشينون پاڻي ڪڍنديون ٻي طرف پاڻي واپس مورين کي شهر طرف اچي رهيو آهي هي صرف سرڪار جو پئسو ذيان پيا ڪن اسان کي سمجه ۾ نٿو اچي هنن پهرئين موريون ڇو بند ناهن ڪيون ان جي وجه جيترا گهڻا ڏينهن پاڻي شهر اندر هوندو اوترا ڏينهن مشينن جي تيل جي بلن تي لکين روپيا ڪڍندا خدارا پهرئين انڊس هائي وي جون موريون بند ڪيو ٻيون شهر جي هر ڪالوني محلي ڳوٺن جي متاثرن کي بنا فرق جي راشن ڏيو ماڻهو بکون ڪاٽي رهيا آهن هنن چيو مختيار ڪار من پسند ماڻهن کي راشن ڏئي رهيو آهي جيڪا هتان جي ماڻهن سان وڏي زيادتي ظلم آهي ، اسين عالمي ادارن اين جي اوز وفاق ۽ سنڌ سرڪار کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته خيرپورناٿن شاه تعلقو شهر سڄي سنڌ کان وڌيڪ گهڻو متاثر ٿيل آهي لکين جڳهون ڪري تباه ٿي ويون اهن لکين ايڪڙ تي بيٺل ساريالو فصل ٻڏي ويو ڪيتريون انساني قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن خدارا هن تعلقي جي عوام کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏئي هنن جي زخمن تي مرهم رکي وڃي.