ميھڙ(ن پ ا) سنڌي ٻٽڙا جي شھرين جي جدوجھد نيٺ رنگ لاتو، سنڌي ٻٽڙا ۾ 17 سالن کان بند پيل ڊسپينسري شھري اتحاد جي اڳواڻن جي ڪوشش سان ٻيھر بحال ٿي وئي 17 سالن کان پو۽ بحال ٿيل گورنمينٽ ڊسپينسري جو افتتاح سياسي سماجي  اڳواڻ سيد قائم علي شاه ، ڊاڪٽر احمد علي اشرف ملڪ ، شھري اتحاد جي اڳواڻن عجيب الله قمبراڻي ، غلام نبي قمبراڻي ، شوڪت علي ٻٽڙو ۽ ٻين ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌي ٻٽڙا تمام وڏي آبادي رکندڙ يونين ڪائونسل آھي شھر ۾ قائم ڊسپينسري کي اسٽاف جي کوٽ ڄاڻائي گذريل 17 سالن کان بند ڪيو ويو ھو.