ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  جسٽس ارشد حسين خان ضياءُ الدين اسپتال کي پيئڻ جي پاڻي جي لائين فراهم ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن سبب معاملي جي  ٻڌڻي نه ٿي سگهي، علائقي جي رهواسين وجيحه حسن، ذوالفقار احمد، وڪيل عثمان فاروق چيف سيڪريٽري، واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر، ڊي ايس پي نارٿ ناظم آباد ۽ ضياءُ الدين اسپتال انتظاميا کي  ڌر بڻائي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته واٽر بورڊ پاران ضياءُ الدين اسپتال کي غير قانوني طور واٽر سپلاءِ لائين فراهم ڪئي وئي آهي، علائقي جي رھواسين جو پاڻي اسپتال کي  ڏنو پيو وڃي، جنهن ڪري شهري سخت پريشان آهن. غير قانوني لائينون لڳائڻ خلاف رهواسين احتجاج پڻ ڪيو  پر  واٽر بورڊ انتظاميه تي ڪو به فرق نه پيو.