ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ پورهيت پٽ سان ڪاوڙجي زهريلي دوا پي ڇڏي، نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل، خبر موجب ڳوٺ ڊکڻ وانڍ ۾ پورهيت شڪيل سومرو پنهجي نوجوان پٽ توقير سومرو سان ڪاوڙجي گهر ۾ رکيل زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارث نازڪ حالت ۾ اسپتال کڻائي آيا، جتان کيس لاڙڪاڻي نيو ويو، جتي سندس طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.