ڏهرڪي (ن پ ا) ڳوٺ مارو والا جو رهواسي غلام قادر شر ريتي اسٽيشن وٽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٽرين جي ٽڪر سبب چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، ريتي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪريون پيا ته نوجوان ڪيئن ٽرين هيٺيان اچي ويو آھي؟ اتفاقي حادثو يا خودڪشي پر في الحال جاچ ڪري رهيا آھيون.