ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اڻڄاتل چور دڪان جو صفايو ڪري ويا جڏهن ته ڦورو تپيدار کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ ڪاله صبح جو سوير ميهڙ جي ڪاسائي محلا ۾ چور دڪاندار نبيل احمد مغل جي دڪان جا تالا ٽوڙي 15000 کان مٿي روڪ رقم ۽ هزارين رپين جي ماليت جو ٻيو سامان چوري ڪري ويا. جڏهن ته ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ٿرڙي محبت جي ٽائون ڪاميٽي اسٽاپ لڳ نامعلوم هٿيار بند ڦورو هٿيارن جي زور تي تپيدار نصرالله ناريجو کان موٽر سائيڪل موبائيل فون ۽ هزارين رپيا روڪ رقم ڦرڪري فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڦر ۽ چوري جي واقعن جي ڪا به رپورٽ داخل ناهي ڪئي وئي.